جاويد شبير

جاويد شبير: نوجوان شاعر جاويد شبير، غلام شبير جاگراڻيءَ جي گهر، لاڙڪاڻي ۾ 15 آڪٽوبر 1977ع ۾ جنم ورتو. هن مئٽرڪ گورنمينٽ پائليٽ هاير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ڪمپيوٽر سائنس ۾ گريجوئيشن، پيٽرومين انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجيءَ مان ڪيائين ۽ انگريزيءَ ۾ ماسٽرس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيائين.

جاويد شبير فني ۽ فڪري طور همعصرن ۾ پختو شاعر آهي. هن جي شاعريءَ مختلف فنڪارن ڳايو. خاص ڪري ڪي. ٽي. اين ۽ ٻين سنڌي چئنلن تي سندس گيت ڪافي مشهور ٿيا. هن جي شاعريءَ جو ڪتاب ’روپ به مايا، پريت به مايا‘ 2001ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن جو مهاڳ نامياري شاعر سعيد ميمڻ لکيو آهي. سندس ٻيو شعري ڪتاب ’درد قديمي‘ به ڇپائيءَ هيٺ آهي. هو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو جوائنٽ سيڪريٽري رهيو آهي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات ڪي. ٽي. اين نيوز ۾ اسڪرپٽ/ نيوز ايڊيٽر طور ڪئي. هن وقت جاويد شبير، انٽرميڊيئيٽ بورڊ لاڙڪاڻي ۾ ڪمپيوٽر پروگرامر آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.10.15  عيسوي

جاويد شبير: نوجوان شاعر جاويد شبير ، غلام شبير جاگراڻيءَ جي گهر ، لاڙڪاڻي ۾ 15 آڪٽوبر 1977ع ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀيو ڪوڙا خان
جتوئي محراب خان
سڪندراعظم
آغا بدر الدين گهنيو
اشرف بلوچ
اسماعيل فقير ڏيرو
خالد محمود سومرو ڊاڪٽر
چارلس اوليونٽ
ٿڌاڻي اين وي
شهرالله قريشي بڪيرائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون